چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا

چانڊيو، نورالدين ’نور‘ مولانا: مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن مختلف مدرسن مان علم جي تڪميل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز درس و تدريس سان ڪيو. هي مدرسي ۾ عربيءَ جو استاد هو. مولانا نور الدين بهترين مقرر هو. هيءُ سٺو شـاعـر به هـو. شـاعـريءَ ۾ ’نـُـور‘ تـخلـص ڪـتـب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: (1) ’موج نور‘، (2) ’ڪليات نور‘، (3) ’ديوان نور‘ ۽ (4) ’شعله نور‘. سندس وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.03.01  عيسوي

مولانا نورالدين ولد خاوند ڏنو چانڊيو، پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ڏائو جي وانڍ، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر شاهه سيد
ابل اداس ٻٻر
سجاد ميراڻي
ڌامراهو مهراڻ
سانوڻ سنڌي
علي نواز ڏاهري
دريا خان دولهه
آتش سنڌي
خالدي علي محمد
رئيساڻي جي ايم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون